| ڪراچي: ميٽرڪ جون سلپون جاري نه ٿيڻ تان چيئرمين کي شوڪاز |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سالياني امتحان کان اڳ اميدوارن کي ايڊمٽ ڪارڊ جاري نه ٿيڻ تي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار، غفلت تي بورڊ چيئرمين کي شوڪاز جاري: ٽن ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سالياني امتحان جا ايڊمٽ ڪارڊ اميدوارن کي جاري نه ٿيڻ ۽ آن لائين رسائي ۾ ناڪامي واري معاملي جو صوبائي وزير اسماعيل راهو نوٽيس ورتو آهي، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ايڊمٽ ڪارڊ جي فراهمي ۾ دير سبب هزارين اميدوارن ۽ سندن والدين ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻيل آهن. هن چيو ته ان معاملي جا ذميوار بورڊ جا آءِ ٽي عملدار ۽ لاڳاپيل عملو آهي. هن بورڊ چيئرمين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ٽن ڏينهن اندر تسلي بخش جواب نه ڏنو ويو ته ملوث عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.