| ڪراچي: نوجوان زال کي زخمي ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ شهري زال کي زخمي ڪرڻ بعد خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس موجب گهر ۾ جهيڙي دوران سليمان پنهنجي زال پلوشا کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، زال کي زخمي ڪرڻ بعد سليمان پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، فوتي ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب سليمان رينٽ اي ڪار جو ڪاروبار ڪندو هو