ڪراچي: نياڻي هنج ڏيڻ تان جهيڙو: فائرنگ: زال مڙس نوجوان پٽ سميت قتل: هڪ زخمي     

ڪراچي: نياڻي هنج ڏيڻ تان جهيڙو: فائرنگ: زال مڙس نوجوان پٽ سميت قتل: هڪ زخمي     

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بلديه ٽائون ۾ واقع مشرف ڪالوني ۾ گهر اندر فائرنگ، زال مڙس نوجوان پٽ سميت قتل، هڪ عورت زخمي، پوليس موجب مقتولن  جي سڃاڻپ گهر ڌڻي 60 ورهين جي عابد علي، سندس زال 50 ورهين جي مريم ۽ پٽ  20 ورهين جو زوهيب طور ٿي آهي، فائرنگ ۾ هڪ  عورت 35 ورهين جي فاطمه زخمي ٿي آهي،مقتولن جا  جا لاش ۽ زخمي عورت کي ضروري ڪارروائي لاِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته فيملي جو تعلق مانسهره سان آهي،  شروعاتي طور تي واقعو دشمني لڳي رهيو آهي، فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ناري فاطمه وٽن  مهمان طور آيل هئي ، فائرنگ جو واقعو صبح  ساڍا 6 وڳي پيش آيو، زخمي عورت فاطمه ٻڌايو ته گهر ڌڻي جي سنڍو دانش  حملو ڪيو هو، هن چيو ته عابد پنهنجي هڪ نياڻي دانش کي هنج ڏني هئي، جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو