| ڪراچي هلندو آهي، تڏهن پاڪستان پلجندو آهي: خالد مقبول |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪتاب اسان جي ميراث آهن، ڪراچي هڪ ننڍڙو پاڪستان آهي، جيڪو وڏي پاڪستان کي سنڀالي ٿو. ڪالهه عالمي ڪتابي ميلي ۾ هن چيو ته ڪراچي ننڍڙو پاڪستان آهي، ڪراچي هلندو آهي ته پاڪستان پلجندو آهي. پاڪستان اسان جو آهي، انهي کي بچائڻو آهي. هن چيو ته 17 سالن کان قومي اتفاقِ راءِ خلاف ڪراچي سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اهو هاڻي شڪست کائي چڪو آهي. ورلڊ بڪ فيئر ۾ اچي ايمان ۽ يقين تازو ٿي ويندو آهي. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته جيڪي ماڻهو سمجھندا آهن ته ڪتابن جي اهميت ختم ٿي وئي آهي، اهي ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر اچي ڏسن ته علم ۽ ڄاڻ جا طلبگار اڄ به سيراب ٿي رهيا آهن. ورلڊ بڪ فيئر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪراچي اڄ به ڪتابن سان محبت ڪري ٿو.