| ڪراچي: هٿيارن ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿيارن جي نمائش، ڪارن شيشن (ٽنٽڊ گلاسز) ۽ بنا نمبر پليٽ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾ ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان شهر ۾ پوليس کي هٿيارن جي نمائش، ٽنٽڊ گلاسز، فينسي نمبر پليٽن ۽ ناقابلِ سڃاڻپ يا بنا نمبر پليٽ گاڏين خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. پوليس چيف زونل ڊي آءِ جيز ۽ ضلعي ايس ايس پيز کي چيو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.