ڪراچي: هڪ وڌيڪ پوليس اهلڪار يوسف خاصخيلي ٽارگيٽ بڻائي شهيد: انگ 5 ٿي ويو

جُولاءِ 20, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ پوليس اهلڪار ٽارگيٽ بڻائي شهيد ، هلندڙ سال قتل ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جو انگ 5 ٿي ويو

پوليس موجب واٽر پمپ فلاءِ اوور تي هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار 26 ورهين جي محمد يوسف پٽ محمد حنيف خاصخيلي کي قتل ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي موجب شهيد اهلڪار منگهوپير جو رهواسي ۽ ثمن آباد ٿاڻي تي مقرر هو، ابتدائي جاچ موجب ٻن هٿياربندن پوليس اهلڪار کي ٽارگيٽ ڪيو

فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو، کيس نجي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏنو ، اهلڪار کي هڪ گولي سيني ۾ لڳي، جيڪا  پار ٿي وئي، واقعي واري هنڌ تان گولين جا 3 خول هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدار اهلڪار جي سرڪاري رائفل به کڻي ويا

واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو لڳي ٿو، مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به هٿ ڪيا پيا وڃن. وارثن موجب اهلڪار حافظ قرآن هو

جوابدارن پوليس  اهلڪار کان موبائل فون ۽ رقم ڦر نه ڪئي، اهي سندس کيسي ۾ موجود هئا. هوڏانهن شهيد اهلڪار جي جنازي نماز گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي

جنازي نماز ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءَ جي ڪراچي سميت پوليس آفيسرن ۽ اهلڪار جي وارثن شرڪت ڪئي. پوليس دستي شهيد اهلڪار کي سلامي پيش ڪئي. گهرو وزير شهيد اهلڪار جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس اوهان سان گڏ آهن.

Leave A Comment