ڪراچي: هڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون،ِ اميدوارن کي جوائنگ ڏيڻ جو حڪم
جُون 5, 2025
ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين لاءِ اميدوارن کي جوائنگ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هڪ کان چارگريڊ جي اميدوارن کي جوائنگ نه ملڻ خلاف سنڌ سرڪار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سپريم، ڪورٽ کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت ۾ هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين جا جاري ٿيل ڪجهه آفر آرڊر جعلي هئا، سکر ۽ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ اسان کي ٻڌڻ بنا اميدوارن کي جوائنگ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، ان کان پوءِ ايڊووڪيٽ منظور حسين لاڙڪ، خالد ڀيلار ۽ ٻين وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ آفر آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، سپريم ڪورٽ اهو به حڪم ڪيو ته اميدوار سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪن، سپريم ڪورٽ اهو به حڪم جاري ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن مهينن اندر اميدوارن کي جوائنگ آرڊر ڏيارڻ ۾ مدد ڪري .