ڪراچي واسين لاءِ نئون ڏچو: شهيد ملت ايڪسپريس وي هفتي لاءِ بند 

ڪراچي واسين لاءِ نئون ڏچو: شهيد ملت ايڪسپريس وي هفتي لاءِ بند 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واسين لاءِ نئون ڏچو: ڪي ايم سي پاران شهيد ملت ايڪسپريس وي کي مرمتي ڪم سبب اڄ کان هڪ هفتي لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان موجب بلوچ پل کان قيوم آباد تائين ايڪسپريس وي جو هڪ ٽريڪ روزانو رات 12 کان صبح 6 وڳي تائين بند رهندو، جنهن دوران روڊ جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم جاري رهندو. ترجمان ٻڌايو ته شهرين جي مشڪلاتن کي گهٽائڻ لاءِ مرمتي ڪم سيڪشن وار ڪيو ويندو، هڪ سيڪشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻئي سيڪشن تي ڪم شروع ڪيو ويندو.