ڪراچي واسين لاءِ ٻي مصيبت: نيپا روڊ پوڻا 2 مهينا بند 

ڪراچي واسين لاءِ ٻي مصيبت: نيپا روڊ پوڻا 2 مهينا بند 

ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) ڪراچي جي شهرين لاءِ ٻي مصيبت: يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ جي روانگي پوڻا 2 مهينا متاثر ٿيندي، ان ڏس ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي کانپوءِ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سسٽم امپروومينٽ پراجيڪٽ (KWSSIP) به ميدان ۾ اچي ويو آهي. جن پاران ڪي 4 رٿا جون 72 ۽ 96 انچ جون لائيون  وڇائڻ لاءِ  نيپا چورنگي کان وفاقي اردو يونيورسٽي تائين 2.7 ڪلو ميٽر روڊ 10 نومبر کان 30 ڊسمبر تائين بند رهندو، ان ڏس ۾ پراجيڪٽ اختيارين جو چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ نيپا چورنگي کان وفاقي اردو يونيورسٽي تائين لائينون وڇايون وينديون، ٻئي مرحلي ۾ حسن اسڪوائر کان نيپا چورنگي تائين ڪم ڪيو ويندو، اختيارين موجب ڪي-4 منصوبي تحت پاڻي جون لائينون وڇائڻ جي آخري تاريخ 30 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي، ترقياتي ڪم دوران ٽريفڪ کي نيپا چورنگي کان علاءُ الدين پارڪ ڏانهن موڙيو ويندو، واضح رهي ته يونيورسٽي روڊ تي هلندڙ  بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي سبب علائقي واسي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.