اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نيپرا اٿارٽي ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي 1 رپيو 52 پئسا اضافي سرچارج لڳائڻ جي وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو
نيپرا پاران بعد ۾ فيصلو جاري ڪيو ويندو، درخواست منظوري جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي 24 ارب 50 ڪروڙ کان وڌيڪ جو اضافي بار پوندو
نيپرا پاران پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪليو ويندو، وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي سرچارج لاڳو ٿي ويندو