| ڪراچي واسين کي تحفو: سڀاڻي کان ڊبل ڊيڪر هلائڻ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت اورنج لائين ۽ گرين لائين کي ڳنڍي انهي جو اورنگي کان نمائش تائين روٽ بڻايو آهي. اڳ ۾ شهري شڪايت ڪندا هئا ته کين اورنج ۽ گرين لائين لاءِ 2 ڀاڙا ڏيڻا پون ٿا پر هاڻي هڪ ئي ٽڪيٽ تي پورو سفر ممڪن ٿي سگهندو، روزانو هڪ لک ماڻهن کي سفر جي سهولت ميسر ايندي. ڪالهه اورنج لائن کي گرين لائين سان ڳنڍڻ واري منصوبي جي افتتاحي تقريب دوران هن چيو ته وفاقي حڪومت جي وقت ۾ گرين لائين جي رائيڊرشپ 55 هزار هئي، جيڪا هاڻي 80 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. بسن ۾ سيڪيورٽي ڪيميرائون ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن. اورنج لائين ۽ گرين لائين تي عورتن لاءِ الڳ بسون پڻ هلايون وينديون، هن چيو ته سڀاڻي پهرين جنوري کان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون شروع ڪيون پيون وڃن. نيون اي وي بسون پڻ پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ 150 بسن جو اعلان ڪيو هو، اسان جي کيس گذارش آهي ته هو پنھنجو واعدو پورو ڪري ھن چيو ته ڪنهن کي به سرڪاري زمينن تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو.