ڪراچي لاءِ جهٽڪو: بجلي بلن ذريعي ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙڻ جو فيصلو

نومبر 8, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪي ايم سي پاران  هڪ ڀيرو ٻيهر ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي بلن ذريعي ميونسپل ٽيڪس  اوڳاڙڻ جو فيصلو، ميئر حتمي منظوري لاءِ  سڀاڻي 10 نومبر  تي اجلاس گھرائي ورتو

مليل ڄاڻ موجب  ڪراچي جي شهرين کان ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙڻ لاءِ ڪي ايم سي اختيارين پاران نئون طريقو متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي

ڪي ايم سي اختيارين  فيصلو ڪيو ويو آهي ته ميونسپل ٽيڪس هاڻي ڪي اليڪٽرڪ جي ماهوار بِلن ذريعي وصول ڪيو ويندو  ته جيئن ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي وارو ساليانو هدف مڪمل ڪري سگھجي

ان حوالي سان ڪي ايم سي جو 10 نومبر تي اعليٰ سطحي اجلاس به گھرايو ويو آهي، جنهن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جي نئين طريقيڪار بابت حتمي منظوري ڏني ويندي

ذريعن موجب ڪي ايم سي اختيارين پاران ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي ان سلسلي ۾ اعتماد ۾  ورتو ويو آهي

ذريعن موجب شهر جي ڪچي  توڙي ڳتيل آبادين وارن علائقن ۾ جتي بجلي چوري ٿيڻ جون شڪايتون آهن، يا جتي  بجلي جا بِل جمع نه ڪرايا ويندا آهن، انهن علائقن جي رهواسين کان ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي لاءِ تجويزون گھرايون ويون آهن

اجلاس ۾ ڪي ايم سي جي اجلاس ۾ ميوزيم قائم ڪرڻ توڙي ڪي ايم ۾ سنڌ حڪومت جي عملدرآمد کاتي جي طرز تي هڪ نئون کاتو قائم ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي

Leave A Comment