ڪراچي واسين کي سياسي سماجي آزادي ملي چڪي آهي: وقار مهدي جو خالد مقبول کي جواب

جُولاءِ 10, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پ پ سينيٽر وقار مهدي خالد مقبول صديقي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين کي سياسي سماجي آزادي ملي چڪي آهي، جڏهن متحده نه هئي تڏهن پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ موجود هئي، 1970ع جي چونڊن ۾ ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي جي 17 سيٽن مان 9 سيٽون پيپلز پارٽي کٽيون هيون

هن چيو ته ڪراچي جي شهرين کي سياسي ۽ سماجي آزادي ملي چڪي آهي، اهو زمانو گذري ويو جڏهن ڪراچي جي ووٽرن کي چيو ويندو هو ته توهان جو ووٽ وڌو ويو آهي

 هن خالد مقبول صديقي کان سوال ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم بلدياتي چونڊن جو ميدان ڪهڙي خوف کان ڇڏيو، خالد مقبول صديقي کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ڇڏڻ گهرجي ته پيپلزپارٽي جو جيالو مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو چونڊيل ميئر آهي

هن چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي عوامي حمايت سان ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر مان اڪثريتي سيٽون حاصل ڪندي

Leave A Comment