ڪراچي واسين کي ماني ٻن رپين ۾ ملندي: گورنر ٽسوري اعلان ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 17, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي واسين کي ماني ھاڻي ٻن روپين ۾ ملندي ان لاءِ شهر ۾ 300 تندور لڳايا ويندا

گورنر هائوس ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته شهر ۾ 300 تندور لڳايا ويندا، جتي شھرين کي ماني 2 رپين ۾ ڏني ويندي

سندس چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ مختلف علائقن ۾ 300 تندور لڳايا ويندا، جن جو انگ اڳتي هلي هڪ هزار تائين پهچائبو، اسان عوام کي سستي ماني مهيا ڪرڻ چاهيون ٿا

هن چيو ته اسان هڪ لک نوجوانن کي آءِ ٽي جا مختلف ڪورس مفت ۾ ڪرائڻ چاهيون ٿا، پهرين مرحلي ۾ 10 هزار اميدوارن ٽيسٽ ڏني آهي، اهو سلسلو جاري رهندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • سون سستو ٿي ويو

  • جھول ويجهو ناري رنبا هڻي قتل

  • جيڪب آباد ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو

  • پريا ڪماريءَ جي بازيابي خواب