ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عوام لاءِ 65 سالن کانپوءِ ٻيھر ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪاني کاتي جي وزير ناصر شاھ افتتاح ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان ڊسمبر 2025 ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو پورو ڪيو ويو آهي. 2026ع ۾ ڪراچي جي روڊن تي وڌ کان وڌ ڊبل ڊيڪر بسون ھلايون وينديون. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اِي وي بسن جا نوان روٽس ايندڙ ھفتي شروع ڪيا پيا وڃن. ھن چيو ته ھن وقت پيپلز بس سروس ذريعي روزانو سوا لک ماڻھو سفر ڪري رھيا آھن جڏھن ته اورينج ۽ گرين لائين بي آر ٽي مان اٽڪل 75 ھزار مسافر فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. هن چيو ته حڪومت جو ھدف آھي ته سنڌ جي ھر ضلعي ۽ ھر وڏي روڊ تي پيپلز بس متعارف ڪرائي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڊبل ڊيڪر بس سروس کي ڪراچي جي عوام لاءِ خاص تحفو قرار ڏيندي چيو ته هن سروس جو آغاز شهري ٽرانسپورٽ کي جديد بڻائڻ ڏانهن اهم قدم آهي۔