ڪراچي واسي ٻارڙو سوئمنگ پول ۾ ٻڏي فوت
جُون 27, 2025
گھارو ) پنهنجي ڊيسڪ )گهارو جي علائقي سلطانه آباد ويجھو نجي فارم ھائوس تي گھمڻ آيل ڪراچي واسي ٻارڙو سوئمنگ پول ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، معصوم ٻارڙو هاشم سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو، سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ٻڏي فوت ٿي ويل ٻارڙي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي سبب وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.