ڪراچي واسڻ ناري شهدادپور ۾ هٿ، مڙس تي تشدد جو الزام، ٻي شادي ڪرڻ چاهيان ٿي: ڪلثوم

جُولاءِ 18, 2023

شھدادپور (رپورٽر) شھدادپور ۾ ڪراچي پوليس جي ڪاروائي، مبينا اغوا ڄاڻايل جوهر موڙ واسڻ ڪلثوم بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي شاهراهه فيصل پوليس ڳوٺ گل محمد سهتو ۾ ڪاروائي ڪري اغوا ڄاڻايل ڪلثوم بلوچ کي بازياب ڪرايو، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد کيس ڪراچي نيو ويو

ڪلثوم بلوچ ٻڌايو ته مڙس شميم تشدد ڪري ٿو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي گهران نڪري هتي پهتي آهيان

عورت چيو ته سهيل سهتو سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، ان ڪري سندس ڳوٺ آئي آهيان، مڙس سميم کان طلاق لاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

ڪيس جي جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر سليم خان چيو آهي ته ڳوٺ گل محمد سهتو ۾ ڪاروائي ڪري عورت کي بازياب ڪرايو آهي، الزام هيٺ آيل سهيل سهتو فرار ٿي ويو، ڪلثوم کي سڀاڻي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، 13 جولاءِ تي شميم خان گهر واري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو

هوڏانهن ڪلثوم بلوچ کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل سهيل سهتو به سامهون اچي ويو آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل دانهيو ته ڪراچي پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گهرن ۾ داخل ٿي ڪلثوم بلوچ کي کنڀي کڻي وئي آهي

سهيل سهتو چيو ته ڪلثوم پنهنجي مڙس شميم وٽ نه ٿي وڃڻ چاهي، شميم کيس تشدد جو نشانو بڻائي ٿو، هُن طلاق لاءِ عدالت سان رابطو به ڪيو آهي

سهيل سهتو چيو ته ڪلثوم بلوچ سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Leave A Comment