ڪراچي واقعي جي جاچ ڪرائي ايف آءِ آر ختم ڪريو: هاءِ ڪورٽ بار

  ڪراچي واقعي جي جاچ ڪرائي ايف آءِ آر ختم ڪريو: هاءِ ڪورٽ بار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران ايڪتا ريلي کي روڪڻ، لاٺي چارج، شيلنگ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 7 ڊسمبر تي ايڪتا ريلي تي پوليس پاران لاٺي چارج بعد شيلنگ ڪئي وئي، ڪيترائي بيگناهه شهري زخمي ٿيا ۽ ڪيترن ئي شهرين کي غيرقانوني طور حراست ۾ ورتو ويو، هڪ سادا ڪپڙا پهريل پوليس آفيسر بيگناهه شهري کي گارگند ڪئي، بنا ثبوتن جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ، واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪرائي بي بنياد ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار به پوليس جي ايڪتا ريلي مٿان تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي