ڪراچي واهه مان نوجوان جو لاش هٿ

جُون 30, 2025

ڄامشورو (پنهنجي ڊيسڪ) ڄامشورو ڀرسان ڪراچي واهه ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل ٻئي نوجوان جو لاش به هٿ اچي ويو آهي، 20 ڪلاڪن تائين ڳولا بعد رحمان سولنگي جو لاش هٿ ڪري لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،

گذريل ڏينهن ٿاڻو بولا خان واسي 2 نوجوان راڻو سولنگي ۽ رحمان سولنگي ڪراچي واھ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا هيا، واقعي جي ڪجهه دير بعد راڻو سولنگي جو لاش هٿ ڪيو ويو هو.

جڏهن ته 20 ڪلاڪن جي ڳولا بعد رحمان سولنگي جو لاش به پاڻي مان ڪڍيو ويو آهي، ٻڏي ويل نوجوان فوت ٿيل جمن سولنگي جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيا هيا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • يوسف رضا گيلاني 9 ڪيسن مان بري

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو