ڪراچي: واپاري جي گهر ڌاڙي ۾ پوليس آفيسر ملوث: ايس ايس پي عمران قريشي گهر ڀيڙو، ڊي ايس پي عمير باجاري گرفتار

نومبر 22, 2023

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ پوليس طرفان واپاري جي گهر مان  ڇاپي جي نالي ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک روڪ ۽ 80 تولن جا سونا زيور ڦر ڪرڻ واري واقعي ۾ ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي، ڊي ايس پي (يوٽي) عمير طارق باجاري ۽ سندس اهلڪار ڏوهاري قرار، آءَ جي سنڌ ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي عمير طارق باجاري کي هٽائي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرائي  ڇڏيو

ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب 19 نومبر تي اورنگي ٽائون ۾ پوليس طرفان ڊي ايس پي (يوٽي) عمير طارق باجاري جي سربراهي ۾ واپاري شاڪر جي گهر تي ڇاپپ هڻڻ ۽ گهر مان ڪروڙين رپيا ۽ زيور ڦر ڪرڻ واري واقعي جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي اولهه عاصم قائمخاني آءِ جي سنڌ کي اماڻيل جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي، ڊي ايس پي (يو ٽي ) عمير طارق باجاري ۽ سندن ٽيم ۾ شامل اهلڪارن جا بيان ورتا ويا، جڏهن ته متاثر واپاري جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو

رپورٽ موجب واپاري جي گهر تي ڇاپو غيرقانوني طريقي سان ۽ غلط ارادي سان هنيو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ايس ايس پي سائوٿ ٻڌايو ته مخبر خبر ڏني ته ڄاڻايل گهر ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جا جوابدار آهن، جن وٽ هٿيار ۽ پئسا آهن، جيڪي دهشتگردي ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، اي ايس پي ڪلفٽن بيمار هو، انهي ڪري ڊي ايس پي (يو ٽي )کي ٽاسڪ ڏنم ايس ايس پي سائوٿ وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيرر فنانسنگ بابت ڳجهي اطلاع تي ڊي ايس پي کي ڇاپي جو ٽاسڪ ڏنو ويو. 13صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ پوليس جي ڇاپي کي ڦرلٽ قرار ڏنو ويو، رپورٽ موجب واردات  ڊي ايس پي عمير طارق سان گڏ ٻن اهلڪارن ۽ 5 رڪني خانگي ٽيم ڪئي، پوليس يونيفارم ۾ ملبوس اهلڪار ۽5 پرائيويٽ ماڻهو هڪ ڪروڙ 90 لک رپيا روڪ ، 70 تولا سون ۽ ٻيو قيمتي سامان اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي اهو ٿيلهو ڊي ايس پي آفيس کڻي ويا، ڊي ايس پي (يو ٽي) عمير طارق باجاري واردات وقت پاڻ به گهر کان ٻاهر هو

رپورٽ موجب ڊي ايس پي عمير طارق باجاري ٻڌايو ته ايس ايس پي عمران قريشي پاران موڪليل مخبرن جي اطلاع تي ڇاپو هنيم، هن ٻڌايو ته گهر اندر ڇاپي کي ايس ايس پي ڏکڻ طرفان ڏنل خانگي ماڻهو ليڊ ڪري رهيا هئا، ڇاپي دوران روڪ، سون ۽ موبائل فون قبضي ۾ ورتا. رپورٽ موجب ڊي ايس پي عمير طارق پرائيويٽ ماڻهن کي حساس ادارن جي اهلڪارن طور ظاهر ڪيو. ڊي ايس پي جاچ آفيسر کي ٻڌايو ته پوليس پارٽي جي آفيس پهچڻ تي لاڪر مان 1 ڪروڙ 5لک  ۽  زيور مليا، ذاتي اسٽاف مان 2 اهلڪار خرم علي ۽ فيضان کي شاهين فورس جي ٽن اهلڪارن سان گڏ موڪليم، پنجن پرائيويٽ ماڻهن گهر جي تلاشي ورتي، ٻن پوليس اهلڪارن گهر ۾ سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏنا. رپورٽ موجب شاهين فورس جي اهلڪارن چيو ته ڇاپي دوران اسان کي گهر کان ٻاهر رکيو ويو. رپورٽ موجب خرم علي ۽ حمزه  تصديق ڪندي چيو ته ڊي ايس پي عمير طارق گهر جي ٻاهران ڪار ۾ موجود هو

گهر مان حراست ۾ ورتل ٻن ڀائرن کي ڊي ايس پي  بلوچ ڪالوني پل وٽ لاهڻ جي هدايت ڪئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته  ڊي ايس پي عمير طارق جي  بيانن ۾ تضاد آهي، حساس معلومات جي بنياد تي ڇاپو هڻڻ جو ڪم  ڊي ايس پي (يو ٽي) کي نه ڏنو وڃي ها، باڪس ۾ موجود 85 لک رپيا ۽ ڪجهه زيور اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن، ڊي ايس پي يوٽي عمير طارق باجاري پنهنجي عملي ۽ نجي مخبرن سان گڏ مجرماڻي فعل ۾ سڌي ريت ملوث آهي

رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته عمير طارق باجاري خلاف سخت ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي وڃي، پرائيويٽ ماڻهن ۽ اهلڪار خرم علي ۽ فيضان علي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي اهلڪار ڊي ايس پي سان گڏ هوندا آهن. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي خلاف به مناسب ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هن تربيت يافته آفيسرن کي ڇاپي جو ٽاسڪ نه ڏنو. هوڏانهن انڪوائري رپورٽ ملڻ بعد آئي جي سنڌ راجا رفعت مختار ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي يو ٽي عمير طارق باجاري کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب ٻنهي آفيسرن کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ٻئي طرف رات جو دير سان ڊي ايس پي عمير باجاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن 2 مهينا اڳ به صدر ۾ جيولري شاپ تي ڌاڙو هنيو هو

سيکڙاٽ ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي ٽيم ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ ڪيترائي ڇاپا هڻي چڪي !ٰ!

ڪراچي: زير تربيت ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي ٽيم ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ ڪيترائي ڇاپا هڻي چڪي، ڊي ايس پي بااثر هجڻ ڪري سندس خلاف اڳ ۾ ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي هئي.  ذريعن موجب ڊي ايس پي عمير طارق باجاري ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي جو منظور نظر رهيو، ڊي ايس پي جي ٽيم ۾ نجي ماڻهو به شامل هئا، جيڪي ڇاپا هڻندا هئا

ڊي ايس پي عمير باجاري هدايت ڪئي ته حساس اداري جي اطلاع تي ڇاپو هڻڻو آهي: سپاهي خرم

ڪرا چي:  پوليس ڪانسٽيبل خرم جي بيان موجب ڊي ايس پي عمير طارق جي هدايت تي موبائل او ويگو گاڏي ۾ روانا ٿياسين. ڊي ايس پي جي هدايت هئي ته حساس اداري جي اطلاع تي اسان کي ڇاپو هڻڻو آهي، اوهان رڳو گهر جو گهيرو ڪريو،  رستي ۾ ڊي ايس پي خرم علي 4 اهلڪارن ۽ ماسڪ پهريل ماڻهن کي بريفنگ ڏني.

ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي زيورن ۽ ڏوڪڙن سان ڀريل بيگ منهنجي حوالي ڪيا: ايس ايچ او ڊفينس

ڪراچي: جاچ رپورٽ موجب ايس ايچ او ڊفينس ٻڌايو ته ايس ايس پي ڏکڻ ڇاپي دوران هٿ آيل سامان واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪلفٽن ٿاڻي ٻاهران ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي بيگ ۽ شاپنگ بيگ منهنجي حوالي ڪيا، پوليس ٿاڻي تي پهچي سمورو سامان واپاري شاڪر ۽ وسيم حوالي ڪري ايس ايس پي کي اطلاع ڏنم.

Leave A Comment