ڪراچي ورسٽي جي ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان داخلا پاليسي ختم: سنڌ ڊوميسائل تي داخلائن جو حڪم

ڪراچي ورسٽي جي ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان داخلا پاليسي ختم: سنڌ ڊوميسائل تي داخلائن جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي يونيورسٽي جي ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان داخلا پاليسي ختم: سنڌ ڊوميسائل تي ميرٽ تي داخلائن جو حڪم، پي اي سي اجلاس ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سال 2021ع کان 2023ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو، پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو يونيورسٽي انتظاميه کان پڇيو ته ڇا ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلائون اوپن ميرٽ تي ٿي رهيون آهن يا اڃا تائين ڪي ايس پي پاليسي تي داخلائون ڏنيون پيون وڃن؟ جنهن تي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر عمران احمد ٻڌايو ته 1990ع کان سينڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي منظوري سان يونيورسٽي ۾ داخلائون ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان پاليسي تحت ڏنيون پيون وڃن، اها  پاليسي اڃا تائين لاڳو آهي، ڪجهه فيڪلٽيز ۾ داخلائون اوپن ميرٽ تي ڪيون پيون وڃن، نثار کھڙو چيو ته ڇا يونيورسٽي انتظاميه ڪراچي کي سنڌ کان الڳ تصور ڪري رهي آهي، جو داخلائون ڪي ايس پي پاليسي تحت ڏنيون پيون وڃن؟ اين اي ڊي ۽ ٻيون يونيورسٽيون انٽري ٽيسٽ ذريعي ميرٽ تي داخلائون ڪن ٿيون ته پوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي داخلا پاليسي ڇو لاڳو آهي؟ نثار کھڙو چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ميرٽ تي سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي داخلائون ملڻ گهرجن، تنهن ڪري ڪي ايس پي پاليسي نه هجڻ گهرجي، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌ جي شاگردن کي ميرٽ تي داخلائون وٺڻ جو مڪمل حق حاصل هجڻ گهرجي، هن چيو ته جيئن نوڪريون سنڌ جي ڊوميسائل تي ميرٽ تحت ڏنيون وڃن ٿيون، تيئن ڪراچي يونيورسٽي ۾ به داخلائون سنڌ جي ڊوميسائل تي اوپن ميرٽ تي انٽري ٽيسٽ کانپوءِ ٿيڻ گهرجن، پي اي سي ڪراچي يونيورسٽي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اهي ڪي ايس پي پاليسي جو نئين سر جائزو وٺن ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سڀئي داخلائون ڪي ايس پي پاليسي بدران اوپن ميرٽ تي سنڌ جي ڊوميسائل جي بنياد تي انٽري ٽيسٽ ذريعي ڪيون وڃن، ايندڙ اجلاس ۾ پيش رفت رپورٽ پڻ پيش ڪئي وڃي.
 

وزير اعليٰ ۽ گورنر سيڪريٽريٽ پرنٽنگ پريس جا باقيدار نڪتا

ڪراچي: گورنر ھائوس سيڪريٽريٽ، وزير اعليٰ ھائوس سيڪريٽريٽ، سنڌ اسيمبلي، ناڻي کاتي سميت ڪيترن کاتن سنڌ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس کي 1 ڪروڙ 98 لک 75  ھزار رپيا پرنٽنگ جي مد ۾ رھتون اڃا تائين ادا نه ڪيون، گورنر ھائوس سيڪريٽريٽ ڏانھن 3 لک 20 ھزار، وزيراعليٰ سيڪريٽ ڏانھن  14 لک 24 ھزار ، سنڌ اسيمبلي ڏانھن 54 لک 29 ھزار  خزاني کاتي ڏانھن 6 لک 77 ھزار ، سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن ڏانھن 1 ڪروڙ 17 لک 97 ھزار، گھرو کاتي ڏانھن 1 لک 76ھزار ۽ قانون کاتي ڏانھن 50 ھزار رپيا رھيل آھن.
 

ڪراچي ورسٽي ۾ بينظير ڀٽو چيئر غير فعال: پي اي سي جو ناراضپو
 

ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي ۾ شهيد بينظير ڀٽو چيئر غير فعال هئڻ تي پي اي سي پاران ڪاوڙ جو اظھار پي اي سي اجلاس ۾ چيئرمين پي اي سي نثار کھڙو يونيورسٽي انتظاميه کان پڇيو ته شهيد بينظير ڀٽو چيئر واري منصوبي تي 422 ملين رُپيا خرچ ٿيڻ بعد اهو منصوبو يونيورسٽي انتظاميه حوالي ڪيو ويو هو، 13 سال گذرڻ باوجود شهيد بينظير ڀٽو چيئر فنڪشنل ڇو نه ڪئي وئي آهي؟ جنهن تي يونيورسٽي انتظاميه ٻڌايو ته شهيد بينظير ڀٽو چيئر کي فنڪشنل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بجيٽ گهربل آهي، جنهن لاءِ پي سي ون منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي.
 

سنڌ جي مختلف کاتن پاران ٻاهران ڇپائي ڪرائڻ جو انڪشاف
 

ڪراچي: سنڌ جي صنعت کاتي جي انتظامن ھيٺ گورنر هائوس ۾ قائم سنڌ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس کي سرڪاري کاتن پاران سرڪاري مواد پرنٽ نه ڪرائڻ سبب 2022ع ۽ 2023ع ۾ 281 ملين رُپين جي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ـ   پي اي سي اجلاس ۾ ڊي جي آڊٽ اعتراض اٿاريو ته سنڌ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس 2022ع کان 2023ع تائين 114 ملين جي بجيٽ جي مقابلي ۾ 395 ملين رُپيا خرچ ڪيا آهن، جڏهن ته آمدني ۾  واڌ نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب سنڌ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس کي 281 ملين جو نقصان سامهون آهي، پرنٽنگ پريس جي عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته سنڌ جا سرڪاري کاتا پرنٽنگ ۽ اسٽيشنري لاءِ پنهنجي پنهنجي بجيٽ هئڻ باوجود مواد جي ڇپائي بنا اين او سي ٻاهران ڪرائي رهيا آهن، جنهن سبب پرنٽنگ پريس جي آمدني ۽ روينيو ۾ اضافو نٿو ٿئي.