| ڪراچي ورسٽي پلاٽ تي اڏيل پيٽرول پمپ بحال: ڊي سي کي نوٽيس |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي اڏيل پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ بابت ڊي سي ايسٽ جو حڪم ٽن هفتن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو، بينچ ڊي سي کان پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ بابت رپورٽ به طلب ڪري ورتي، ياد رهي ته پي ايس او پاران وڪيل عاصم اقبال ذريعي درخواست داخل ڪرائي ڄاڻايو هو ته ڪراچي يونيورسٽي جي پمپ واري زمين 2012ع ۾ خريد ڪئي هئي، ڊي سي پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ کان اڳ درخواستگذار کي صفائي جو موقعو به نه ڏنو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پيٽرول پمپ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.