ڪراچي ورهاڱي کان اڳ ….

مَي 20, 2023

 جيئن ته ڪيترن ئي مهربانن کي اها غلط فهمي آهي ته سنڌ جي رهواسين کي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ اسلام جي ڪا به خبر نه هئي. اهڙي ريت ڪيترن ئي محترم دوستن کي اها غلط فهمي ٿي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچي ڪا ويران ۽ ڀڙڀانگ جاءِ هئي. ڪراچي 1947ع کان اڳ ڪيئن هئي، ان جي باري ۾ هونئن ته گهڻو مواد موجود آهي پر آئون ڪراچي سان تعلق رکندڙ ٽن احترام جوڳن محققن جي تحريرن جو حوالو ڏيندس.

                 شهري ترقي جي نامياري ماهر جناب عارف حسن جو ڪتاب “انڊر اسٽينڊنگ ڪراچي” سٽي پريس شايع ڪيو آهي. ليکڪ 1947ع کان پهرين ڪراچي جو ذڪر ڪندي صفحي 18 کان 20 تائين هيٺ ڄاڻايل حقيقتون تحرير ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته 1856ع کان 1872ع دوران ڪراچي جو ڪاروبار 8 لک، 55 هزار 103 پائونڊن کان وڌي 50 لک پائونڊ ٿي چڪو هو.

انهن ئي سالن ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس قائم ٿي چڪو هو. 1861ع ۾ سنڌ ريلوي جو بنياد پئجي چڪو هو، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ کي ريل جي ذريعي ملايو ويو هو ۽ اهڙيءَ ريت ڪراچي، پنجاب ۽ اُتر هندوستان تائين ڪپهه ۽ ڪڻڪ پيدا ڪندڙ علائقن سان ڳنڍجي ويو هو. ان ترقي جي نتيجي ۾ 1872ع ۽ 1901ع جي وچ ۾ ڪراچي جي آبادي ٻيڻي ٿي وئي.

1885ع ۾ ڪراچي ۾ ٽرام متعارف ڪرائي وئي ۽ 1885ع ۾ سنڌ مدرسو ۽ 1887ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۽ 1889ع ۾ ايمپريس مارڪيٽ قائم ڪيا ويا. ڪراچي پورٽ ان حد تائين ترقي ڪري چڪو هو جو ٻي مهابهاري جنگ ۾ انگريزن ان کي فوجي اڏي ۽ روس جي محاذ جي رسد لاءِ استعمال ڪيو.

ڪراچي سان تعلق رکندڙ جناب بهرام سهراب رستمجي ۽ جناب سهراب ڪي ايڇ ڪترڪ پنهنجي گڏيل تصنيف “ڪراچي ڊيورنگ برٽش ايرا”، جيڪو ڪتاب آڪسفورڊ پاران شايع ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي حوالي سان هيٺ ڄاڻايل حقيقتون تحرير ڪيون آهن. هو لکن ٿا ته 1799ع ۾ جناب جوناٿن ڪرو ڪراچي جي ڪسٽمز جي آمدني جو ڪاٿو 80 هزار رپيا لڳايو هو. چارلس ميسن 1830ع ۾ سنڌ ريزرو فورس جي برگيڊيئر ويلينٽ جي حوالي سان لکيو آهي ته ڪراچي جو هاربر شاندار آهي، جنهن ۾ سڄو سال ٻيڙا محفوظ طريقي سان هلائي سگهجن ٿا.

1885ع جي ڏهاڪي ۾ بارٽل فريئر جي دور ۾ نارائڻ جڳناٿ هاءِ اسڪول، چرچ مشن هاءِ اسڪول ۽ ڪراچي گرامر اسڪول قائم ٿي چڪا هئا. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو بل پهرين اپريل 1887ع ۾ لاڳو ٿي چڪو هو. ڪارليس جو چوڻ آهي ته 1837ع ۾ ڪسٽمز جي آمدني 17 لک رپين کان وڌيڪ هئي. 1931ع ۾ ڪراچي ۾ آل انڊيا انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل نمائش منعقد ٿي هئي. 13 اپريل 1853ع تي ڪراچي ميونسپالٽي وجود ۾ اچي چڪي هئي. جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، ان وقت ڪراچي پورٽ جو ساليانو واپار 12 لک، 21 هزار رپيا هو،

جيڪو 1940ع ۾ وڌي 55 ڪروڙ ٿي چڪو هو. فيبروري 1836ع ۾ انڊين مرچنٽس ايسوسيئشن جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکجي چڪو هو، 1866ع ۾ ڪراچي ميونسپل جي روينيو آمدني 2 لک، 40 هزار، 914 رپيا ٿي چڪي هئي. 1862ع ۾ اسٽيمپ آفيس ۽ سمال ڪازز ڪورٽ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو هو. 1882ع ۾ ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ملير نديءَ تي ٻه وڏا کوهه ۽ 2 لک گيلن جي گنجائش جو تلاءُ تعمير ٿي چڪو هو. مٿي ڏنل انهن مختصر حوالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 1947ع ۾ ڪراچي هن خطي جو هڪ ترقي يافته شهر هو.

1941ع جي آدمشماري مطابق ڪراچي جي آبادي 7 لک، 13 هزار، 900 ماڻهن تي مشتمل هئي، جن مان 4 لک، 6 هزار 50، يعني 57 سيڪڙو ماڻهن جي مادري ٻولي سنڌي هئي. هندوستان کان ڪراچي منتقل ٿيندڙ ماڻهو ڀاڳ وارا هئا جو انهن کي سنڌ ۾ ملڪ جو سڀ کان ترقي يافته شهر رهڻ لاءِ مليو ۽ مقامي آباديءَ ڏهاڪن جي محنت کانپوءِ بنايل پنهنجو سڀ کان خوبصورت شهر انهن جي حوالي ڪيو، ان جذبي جو قدر ڪرڻ گهرجي. ان شهر ۽ صوبي جي ترقي اسان سڀني جي اتحاد سان ئي ممڪن ٿيندي. اميد آهي ته اهي حقيقتون ڪراچي جي پسمنظر کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن شهر جي ترقي ۽ امن ۾ سڀني جو مستقبل آهي.

Leave A Comment