ڪراچي: وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو انڪشاف: محتسب اعليٰ ناراض  

ڪراچي: وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو انڪشاف: محتسب اعليٰ ناراض  

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وليڪا اسپتال ۾ وڌيڪ 16 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو انڪشاف، ان ڏس ۾ صوبائي محتسب سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ واري مامري بابت ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ليبر کاتي جو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر سيسي هادي بخش ڪلهوڙو, سينيئر ميڊيڪل ايڊوائيز، متاثر ٻارن جا والدين شريڪ ٿيا. اجلاس ۾  وليڪا اسپتال ۾ انتظامي اپائن جو جائزو ورتو ويو، متاثر ٻارن جي والدين اسپتال انتظاميه پاران تعاون نه ڪرڻ،دوائن جي اڻهوند،علاج جي خرچن جي رهتن جي وقت سر فراهمي بابت به شڪايتون ڪيون ويون، صوبائي محتسب اسپتال ۾ اسٽاف جي ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت تحت پبلڪ هيلٿ سيڪٽر مان تربيت يافتا اسٽاف ۽ سينيئر عملدارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، سنڌ انفيڪشن ڊزيز اسپتال مان به ڊاڪٽرن جي ڇهن مهينن لاءِ ڊيپيوٽيشن تي مقرري جي ڪوشش ڪئي وڃي, هن چيو ته اسپتال ۾ دوائون, ڊائيٽ سپليميبٽ ۽ ٻيئي ضروري سامان جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ظاهري طور تي اسپتال جي مالي معاملن سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي پکيڙ عمل ۾ آئي، هن چيو ته  اسپتال جي آڊٽ لاءِ ٻن هفتن ۾ آڊٽ ڪمپني کي ڳوليو وڃي, سهيل راجپوت  ٻارن جي علاج سبب نوڪرين مان فارغ ٿيندڙ مزدور والدين جي بحالي متعلق ڊي جي ليبر کي هدايت ڪئي, هن چيو ته  فوتي ٻارن جي مائٽن کي معاوضو ۽ مرض ۾ مبتلا ٻارن جي علاج کي يقيني بڻايو، متاثرن جي نفسياتي بحالي لاءِ ماهر نفسيات مقرر ڪيا وڃن, اسپتال جي مين گيٽ ويجهو  هيلپ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، صوبائي محتسب ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.