ڪراچي وڳوڙ ۾ پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا ۽ اڳواڻ به ملوث هئا: شرجيل ميمڻ ثبوت سامهون آڻي ڇڏيا

مَي 18, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪارروائين ۾ پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا ۽ اڳواڻ به ملوث هئا، سڀني جي خلاف ڪارروائي ٿيندي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس، شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس دوران ڪراچيءَ جي ڀڃ ڊاهه وارين ڪارروائيون جون وڊيوز به هلائي ڏيکاريون

هن چيو ته جن شهرين جون موٽرسائيڪلون ساڙيون ويون سنڌ سرڪار انهن کي نيون موٽرسائيڪلون وٺي ڏيندي، سمورو خرچ دهشتگردن کان ڀرايو ويندو

صوبائي وزير چيو ته اسان سياسي بيان نه پيا ڏيون پر وڊيو ثبوت به پيش ڪري رهيا آهيون، ٻوريون ڀري ڀري پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيل اڳواڻ هاڻي ڌڙا ڌڙ پي ٽي آءِ کي ڇڏي رهيا آهن، وڏيون وڏيون ٻٽاڪون هڻندڙ اڳواڻ هاڻي روئي رهيا آهن

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  سنڌ ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن جون وڌيڪ ڪارروائيون برداشت نه ڪنداسين.

Leave A Comment