ڪراچي: يوٽيوبر رجب بٽ کي ڪٽڪو ڏيندڙ 15 وڪيلن تي ڪيس: احتجاج: ايس ايچ او کي مارڪٽ   

ڪراچي: يوٽيوبر رجب بٽ کي ڪٽڪو ڏيندڙ 15 وڪيلن تي ڪيس: احتجاج: ايس ايچ او کي مارڪٽ   

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) توهين مذهب واري ڪيس ۾ نامزد يوٽيوبر رجب بٽ وڪيلن کي ويڙهائي ڇڏيو، ڪالهه يو ٽيوبر تي وڪيلن پاران تشدد ڪرڻ جو سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ، وڪيل ميان اشفاق جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ موتمار ڌمڪين، مارڪٽ  سميت  ٻيا قلم شامل ڪيا ويا، ايف آءِ آر ۾ رياض علي سولنگي, فتح چانڊيو سميت 15 وڪيلن کي نامزد ڪيو ويو، ٻئي طرف 15 وڪيلن تي ڪيس بعد وڪيلن جو وڏو انگ سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي پھتو  هنن يوٽيوبر رجب بٽ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي پر پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوليس موقف اختيار ڪيو ته سٽي ڪورٽ واقعي جي ميان اشفاق جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيل آھي، ھڪ واقعي جون 2 ايف آءِ آرز قانوني طور ممڪن ناھن، پوليس جي انڪار بعد وڪيلن ٿاڻي اندر ھنگامو ڪيو، پوليس ذريعن موجب وڪيلن ٿاڻي اندر ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ ايس ايڇ او کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنھن بعد وڪيلن ايم اي جناح روڊ تي به احتجاج ڪيو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته سٽي ڪورٽ ۾ ھڙتال دوران ھٿياربند عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيا، انھن گارگند ڪئي، ڌمڪيون ڏنيون ۽ ھٿيار ڏيکاري هراس پکڙيو،