ڪراچي: ٻالڪ کي 12لکن لاءِ اسمگل ڪرڻ جو نئون اسڪينڊل ظاهر

ڪراچي: ٻالڪ کي 12لکن لاءِ اسمگل ڪرڻ جو نئون اسڪينڊل ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾معصوم ٻالڪ کي پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جو ڪيس سامهون اچي ويو، ڪيس ۾ گرفتار جوابداره ڪرن سهيل ۽ ڊاڪٽرياڻي عدالت ۾ پيش ٿيا, جوابداره ڪرن سهيل کان بازياب ڪرايل  ٻالڪ به پيش ٿيو, ايف آءِ اي موجب ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدار ضمانت تي آزاد آهن, 9 جون تي ڪرن 15 مهينن جي نينگر زيان سان گڏ جناح ايئرپورٽ کان موزمبيق وڃي رهي هئي پڇا ڳاڇا دوران ڪرن اعتراف ڪيو ته ٻار سندس ناهي ياسمين نالي عورت ايئرپورٽ وٽ ٻالڪ سندس حوالي ڪيو هو، جڏهن ته ڪرن سهيل ٻار جي اسمگلنگ ۾ استعمال ٿي رهي هئي، ايف آءِ اي چيو ته ڪرن جو چوڻ آهي ته سهيل، فيضان محمود، چانداني ۽ اشرف ٻار جي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري ڪئي، دستاويزن مان پتو پيو ته ڪرن جي مڙس سهيل پاران موزمبيق ۾ اهو ٻار  پنهنجي باس کي ڏيڻو هو، ڊاڪٽر کان اهو ٻار 10 کان 12 لک رپين ۾ ورتو ويو هو.