| ڪراچي: پراڻي تڪرار تان فائرنگ: هڪ ڄڻو قتل: جوابدار گرفتار |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، جوابدار گرفتار، پوليس موجب نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ رحمانيه مسجد ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري فياض کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس پهچي فائرنگ ڪندڙ جوابدار ڪاشف کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ابتدائي جاچ موجب حضور بخش نالي شخص پنهنجي پٽ ۽ ساٿين سان گڏ عبدالعزيز جي سرئي واري دڪان تي جهيڙي جي نيت سان پهتو، جتي فائرنگ دوران عبدالعزيز جو پٽ فياض موقعي تي ئي قتل ٿي ويو. پوليس جوابدار کي حراست ۾ ورتو