| ڪراچي پريس ڪلب جي 639 ميمبرن لاءِ پلاٽن جي منظوري |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن لاءِ 639 اضافي رهائشي پلاٽن جي منظوري ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي پي سي کي اڳ ۾ لياري ڊولمپنٽ اٿارٽي ذريعي 1271 پلاٽس الاٽ ڪيا ويا هئا، ڪلب 700 اضافي پلاٽس جي درخواست ڏني، جن مان 639 اهل ميمبرن جي تصديق ٿي ڪابينا کي پيش ڪئي وئي ته ايل ڊي اي کي ھاڪس بي اسڪيم 42 ۾125 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، زمين ۽ ترقياتي خرچ جو 80سيڪڙو سنڌ حڪومت ۽ 20 سيڪڙو خرچ ڪي پي سي ميمبر ادا ڪندا.