ڪراچي پريس ڪلب ۾ اڄ ساليانو فيملي گالا

ڪراچي پريس ڪلب ۾ اڄ ساليانو فيملي گالا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڇنڇر ڏينهن اڄ ميمبرن ۽ انهن جي گهرڀاتين لاءِ پنهنجي سالياني فيملي گالا ٿي رهيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فضل جميلي ۽ سيڪريٽري سهيل افضل خان موجب فيملي گالا ۾ رنگا رنگ تقريبون منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ ٻارن لاءِ خاص تفريحي پروگرام شامل آهن. هن موقعي تي ميمبرن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ جھولا، جمپنگ ڪيسل، راندين جون سرگرميون، تقريري مقابلا، ڪوئز پروگرام ۽ مختلف قسم جا کاڌا موجود هوندا. پريس ڪلب جي عهديدارن چيو ته هن فيملي گالا جو مقصد صحافي برادري ۽ انهن جي خاندانن کي تفريح ۽ باهمي رابطي جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي مصروف پيشه ورانه زندگين کان پري ۽ خوشگوار ماحول ۾ ڪجهه وقت گذاري سگهن. پريس ڪلب پنهنجي سڀني ميمبرن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي شرڪت ڪن ته جيئن هي رنگارنگ تقريب يادگار رهي سگهي.