| ڪراچي: پنڪ بي آر ٽي بسون نمائش کان سرجاني تائين شروع |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتو صوبي ۾ بهتر سفري سهولتن لاءِ لڳاتار ڪم ڪري رهيو آهي ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پنڪ بس سروس جو دائرو وڌايو آهي. پنڪ بي آر ٽي بسون نمائش کان سرجاني تائين شروع ٿي ويون آهن، جلد ئي ايڌي اورنج لائين بي آر ٽي ۽ گرين لائين ۾ به پنڪ بسون هلنديون. ڪي پي ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن کي به پنهنجن صوبن ۾ عورتن لاءِ اهڙيون بسون شروع ڪرڻ گهرجن. ڪالهه گرين لائين بي آر ٽي روٽ تي پنڪ بس سروس جي شروعات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خاص صلاحيتن وارن ( معذور) ٻارن لاءِ خاص سائيڪلون تيار ڪيون پيون وڃن. جيڪي کين مفت ڏنيون وينديون. هن چيو ته ڊبل ڊيڪر بسون ايندڙ هفتي اچي رهيون آهن، شروعاتي طور تي شاھراھ فيصل تي هلايون وينديون. ضرورت پئي ته انهن جي روٽس ۾ اضافو ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ حڪومت هارين کي مفت ڀاڻ فراهم ڪري رهي آهي، سبسڊي سان ڪڻڪ جي پوک ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم ذريعي برابري ۽ يڪجهتي کي مضبوط ڪيو ويو آهي. هن ترميم تي تنقيد مناسب ناهي، وڏين بار ايسوسيئيشنز انهي جي حمايت ڪئي آهي.