ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي آءِ سي ٽي پورٽ تي ڪنٽينرز کي باهه 20 کان وڌيڪ ڪنٽينر سڙي ويا، وفاقي وزير نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، ڪالهه ڪي آءِ سي ٽي پورٽ تي ڪنٽينرز کي اوچتو باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ٻين ڪنٽينرز تائين ڦهلجندي وئي، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي باهه وسائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون، ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد باهه تي ضابطو آندو ويو، باهه سبب 20 کان وڌيڪ ڪنٽينرز سڙي ويا، ريسڪيو اختيارين موجب ڪپڙن سان ڀريل هڪ ڪنٽينر ۾ باهه لڳي، ٻين ڪنٽينرز ۾ ڪيميڪل توڙي ٻيو سامان هو،باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا. ٻئي طرف سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير نوٽيس وٺندي ڪي پي ٽي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي
موبائل ڪارڊ مهانگا، اگهن ۾ 50 سيڪڙو تائين اضافو
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزارت آءِ ٽي چيو آهي ته هلندڙ مالي سال 25/2024 دوران موبائل آپريٽرز موبائل ڪارڊن جي قيمتن ۾ 20 کان 50 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو آهي. موسياتي تبديلي واري وزارت چيو آهي ته نومبر 2023 کان اپريل 2024 دوران برفاني سطح ۾ 23.3 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي اهي. ساليانه بنياد تي گليشيئرز جي ڳرڻ جي شرح 3 سيڪڙو آهي. آءِ ٽي واري وزارت سينيٽ کي لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته 2021 کان 2024 دوران ٻارڻ جي قيمتن ۾ 158 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪو موبائل ڪارڊن جي مهانگائي جو اهم ڪارڻ آهي. ان کان علاوه افراطِ زر ۾ 77 سيڪڙو اضافو ٿيو، آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ 44 سيڪڙو گهٽتائي آئي. پاليسي ريٽ ۾ 214 سيڪڙو اضافي سبب موبائل آپريٽرز جي مالي لاڳت ۾ به وڏو اضافو ٿيو. وزارت آءِ ٽي مطابق گذريل پنجن سالن دوران موبائل صنعت جي سراسري سالياني آمدني ۾ واڌ صرف 9 سيڪڙو رهي، 2020 کان 2024 دوران سراسري سالياني افراطِ زر 17 سيڪڙو رهيو. جنهن ڪري موبائل صنعت جي مجموعي قدر ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي.
اسٽيل ملز مان چوريون روڪرائڻ جي ذميواري ايف آءِ اي حوالي
ملير (رپورٽ: ناز شر) صنعت ۽ پيداوار جي وزارت پاڪستان اسٽيل مان اربين رپين جي چوري وارن ڪيسن جي جاچ ۽ قدم کڻڻ لاءِ ايف آءِ اي کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيل ملز مان روزانو جي بنياد تي لکين رپين جي ماليت جو ٽامو، مشنري ۽ لوهه چوري ٿي رهيو آهي جنهن جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چوري جا وڌندڙ واقعا قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن ، ليٽر ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 ڊسمبر تي بن قاسم ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چار ملزم گرفتار ڪري سندن قبضي مان 36 ٽن چوري ٿيل سامان هٿ ڪري 22 ويلر ٽرالر کي ضبط ڪيو ويو، جاچ دوران معلوم ٿيو ته اها چوري اسٽيل ملز جي عملي جي ملي ڀڳت سان ٿي آهي، عدالت ۾ اسڪلڊ ورڪر ڪاشف غفور غلط بيان جمع ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ملزمن کي ضمانت ملي ۽ ڪيس خراب ٿيو
شعبان جو چنڊ اڱاري تي نظر ايندو: سپارڪو جي اڳڪٿي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شعبان جو نئون چنڊ 20 جنوري تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، سپارڪو اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ترجمان سپارڪو مطابق شعبان جو نئون چنڊ 19 جنوري 2026 تي رات 12:52 وڳي پيدا ٿيندو، 19 جنوري شام جي وقت چنڊ جي عمر 17 ڪلاڪ ۽ 36 منٽ هوندي، سج ۽ چنڊ جي لهڻ وچ ۾ وقفو تقريبن 33 منٽ هوندو. 19 جنوريءَ تي چنڊ اکين سان نظر اچن جو امڪان آهي. ترجمان مطابق شعبان جي پهرين تاريخ 21 جنوري 2026 ٿي سگهي ٿي، اسلامي مهيني جي شروعات جو حتمي اعلان رويت هلال ڪميٽي ڪندي.