ڪراچي پورٽ کي قيوم آباد سان ڳنڍيندڙ 16.5 ڪلوميٽر ڊگهو ڪوريڊور ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي پورٽ کي قيوم آباد سان ڳنڍيندڙ 16.5 ڪلوميٽر ڊگهو ڪوريڊور ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ اسٽريٽجڪ انفراسٽرڪچر، تعليم، ٽرانسپورٽ، ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقي جي وسيع رينج  وارن منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير مراد شاهه چيو ته اسپين جي شهر بارسلونا ۾ ٿيل گڏيل قومن جي اڪنامڪ ڪميشن فار يورپ  جي 10 هين انٽرنيشنل پي پي پي فورم ۾ سنڌ جي 4 پي پي پي منصوبن کي عالمي ڪيس اسٽڊيز طور چونڊيو ويو آهي. انهن منصوبن ۾ ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي، ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائيزيشنز  ۽ ٻيلن ذريعي ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي شامل آهن.اجلاس ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي تحت تجويز ڪيل سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن  منصوبي تي غور ويچار ڪيو. بورڊ کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن ايڪٽ 2025 ذريعي سائيٽ کي هڪ خود مختيار ڊگري ڏيندڙ اداري طور قائم ڪيو آهي، جيڪو استادن جي تعليم، تعليمي تحقيق ۽ قيادت جي ترقي لاءِ وقف آهي.  انهي منصوبي هيٺ صوبي جي 30 ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽس ۾ چار سالا بي ايڊ  پروگرامن لاءِ باصلاحيت فيڪلٽي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ آهي. بورڊ کي ٻڌايو ويو ته زندگي ٽرسٽ جي اداري دوربين  سائيٽ جي قيام، انتظام ۽ آپريشن لاءِ هڪ تجويز پيش ڪئي هئي. بورڊ کي پاڪستان جي حوالي سان استادن لاءِ ايم فل  نصاب تيار ڪرڻ لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي سان دوربين جي تعاون بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. پي پي پي پاليسي بورڊ تصوراتي تجويز جي منظوري ڏني ۽ منصوبي لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائزري سروسز جي فراهمي لاءِ اسٽيوٽا پاران اڳ ۾ ئي مقرر ڪيل صلاحڪارن جي ڪنسورشيم کي استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو. اجلاس ۾ پاليسي بورڊ ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي ماتحت اداري (انرٽيچ ھولڊنگ ڪمپني)  جي تعاون سان اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. بورڊ کي ٻڌايو ويو ته رعايتي معاهدي  تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون  آهن، سائيٽ جي صفائي ۽ تياري جا ڪم جاري آهن. اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن سان لاڳاپيل وفاقي پابندين سبب اسپيشل ٽيڪنالاجي زون  جو درجو ملڻ ۾ دير سبب پيدا ٿيندڙ پيچيدگين تي بحث ڪيو ويو. آفيسرن متبادل آپشن پيش ڪيا.اجلاس ۾ بورڊ ڪراچي پورٽ کي ڄام صادق انٽرچينج سان ڳنڍيندڙ هڪ وڏي ايلويٽيڊ ڪوريڊور ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ڪوريڊور منصوبي بابت اهم فيصلن جي منظوري ڏني. 16.5 ڪلوميٽر ڊگهي منصوبي ۾ 10.4 ڪلوميٽر ايلويٽيڊ اسٽرڪچر ۽ 6.1 ڪلوميٽر ايمبينڪمينٽ سيڪشن شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  ايس پي پي آر اي  اي پيڊس SPPRA EPADS تحت اليڪٽرانڪ طريقي سان عالمي مقابلي واري ٻوليءَ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. فني ۽ مالي جائزي کانپوءِ هڪ ڪمپني/فرم سڀ کان گهٽ ٻولي ڏيندڙ طور سامهون آئي. پي پي پي پاليسي بورڊ ڪنسورشيم کي ڪامياب ٻولي ڏيندڙ طور منظور ڪندي عملدرآمد ڪندڙ اداري کي رعايتي معاهدن ۽ مالياتي دستاويزن تي صحيحون  ڪرڻ جو اختيار ڏنو.