| ڪراچي پوليس پاران ڌُرنڌَر خلاف ڪيس کان لاچاري ظاهر |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڪراچي پوليس پاران ڀارتي پروپئگنڊا فلم ” ڌُرنڌَر“ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان لاچاري ظاهر.ان ڏس ۾ سرخشان پوليس مقامي عدالت کي آگاهه ڪيو ته “ڌُرنڌَر“ جي هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪارن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ قانوني طور تي ممڪن ناهي، انڪوائري دوران پتو پيو هڙئي نامزد جوابدار ڀارتي شهري آهن ۽ پاڪستان ۾ سندن ڪا به رهائشي، ڪاروباري يا قانوني موجودگي ناهي.پوليس موجب تڪراري فلم ڀارت ۾ ٺهي ۽ سمورا مبينا قدم پاڪستان جي علائقائي حدن کان ٻاهر ڪيا ويا، اهڙو ڪو به مواد يا ثبوت موجود ناهي، جيڪو ظاهر ڪري ته فلم جي نمائش، ترسيل يا دستيابي پاڪستان ۾ ٿي.“ درخواست گذار پ پ ڪارڪن محمد عامر کوسو ڌرندر خلاف الزامن جي تصديق ۾ ناڪام رهيو، انهي ڪري ڪيس نٿو ٺهي