| ڪراچي پوليس 5 ڪروڙن جي منشيات وڪڻي ڇڏي: ڊي ايس پي سوڌو 2 معطل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي آءِ اي آفيسرن جو ڪارنامو، پڪڙيل منشيات جو وڏو حصو وڪڻڻ جو انڪشاف، ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او معطل، ان ڏس ۾ پهرين ڊسمبر تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايڊيشنل آءِ جي ۽ سي آءِ اي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي 508 ڪلو منشيات پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. انهي منشيات جو وڏو حصو مبينه طور منشيات فروشن کي وڪرو ڪيو ويو، اهڙي اطلاع تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ڊي ايس پي واصف قريشي ۽ سي آءِ اي جي سب انسپيڪٽر اعجاز بٽ کي معطل ڪري ڇڏيو. ايڊيشنل آئي جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو ته پڪڙيل منشيات بابت معلومات ملي ته انهي جو ڪجهه حصو وڪرو ڪيو ويو آهي، مون لاڳاپيل عملدارن کي معطل ڪري جاچ ڊي آءِ جي ويسٽ حوالي ڪئي آهي، اهو پوليس جو هڪ تمام سٺو ڪم هو، جيڪو بدقسمتي سان خراب ڪيو ويو، پوليس ذريعن پڪڙيل منشيات 20 ڪروڙن جي هئي، جنهن مان 5 ڪروڙن جي منشيات وڪرو ڪئي وئي