ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پين ڌماڪي بابت ڪوڙو بيان ڏيندڙ نوجوان خلاف ڪيس داخل، ڪراچي جي علائقي کوکراپار ۾ پين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيڻ بابت ڪوڙو بيان ڏيندڙ نوجوان عبدالسميع خلاف پوليس سرڪاري ادارن کي غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ گمراهه ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب عبدالسميع ابتدائي طور دعويٰ ڪئي هئي ته هو پين جهڙي مشڪوڪ شيءِ جي ڌماڪي سبب زخمي ٿيو آهي، جنهن بعد واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي. جاچ دوران معلوم ٿيو ته نوجوان جو بيان حقيقتن جي ابتڙ هو، پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي نوجوان جاچ دورانِ اعتراف ڪيو ته سندس هٿ ۾ ڦٽاڪو ڦاٽي پيو هو، جنهن سبب هو زخمي ٿيو. جاچ ۾ پين ڌماڪي جو دعويٰ بي بنياد ثابت ٿيڻ تي عبدالسميع کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو.