ڪراچي: پي ٽي آءِ جو احتجاج: لاٺي چارج: شيلنگ: عالمگير خان سوڌو ڪيئي ڪارڪن گرفتار

ڪراچي: پي ٽي آءِ جو احتجاج: لاٺي چارج: شيلنگ: عالمگير خان سوڌو ڪيئي ڪارڪن گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج، پوليس جي لاٺي چارج، شيلنگ، عالمگير خان سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار، ڪالهه تيل قيمتن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو هو، احتجاج کان اڳ پوليس پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ روڊ ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيا، پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪن جيئن گورنر هائوس چورنگي تي پهتا ته پوليس وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني، ڪارڪنن طرفان پٿراءُ ڪيو ويو، پوليس لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڪارڪنن ۾ عورتون به شامل هيون، عالمگير خان هڪ شاپنگ مال اندر ويو، اهلڪارن پويان وڃي کيس شاپنگ مال اندران گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو. عالمگير خان چيو ته جمهوري حڪومت ۾ به پرامن احتجاج تي پابندي لاڳو ٿيل آهي، گرفتارين جي مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته حڪومت تيل جون قيمتون وڌائي ظلم ڪيو آهي، حڪومت فوري طور تيل تي ٽيڪس ختم ڪري.