ڪراچي پي ٽي آءِ ريلي: خرم شير سوڌو 5131 ڪارڪنن تي دهشتگردي ڪيس: 15گرفتار

جنوري 29, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ٽي جي ريلي دوران ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ جھڙپ وارو معاملو، پوليس پي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻن سميت 131 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ 5 هزار نامعلوم ڪارڪن به شامل، 15 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا

فيرئير ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي پي ٽي آءِ عهديدارن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل ڪيس ۾ دهشتگردي، هنگامن، پوليس تي حملي ۽ قتل جي ڪوشش جا قلم شامل ڪيا ويا

ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهنواز جدون، رابستان خان، سعيد آفريدي، راجا اظهر، خرم شير زمان، رمضان گھانچي، سربلند خان، فهيم خان، عليم عادل شيخ، فلڪ الماس، مسرور سيال، عالمگير خان، جمال صديقي، سيف الرحمان، بيريسٽر فياض، عزير غوري، ارسلان خالد، رياض حيدر، فرحان غوري سميت 131 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته  5 هزار ڪارڪنن کي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو

 ايف آءِ آر جي متن موجب پي ٽي آءِ جا 4 کان 5 هزار ڪارڪن ريلين جي صورت ۾ تين تلوار  پهتا، وٽن اجازت نامو نه هو، ڪارڪنن تين تلوار وٽ ٽريفڪ کي روڪي ڇڏيو، پوليس کين سمجھايو ته ٽريفڪ کي نه روڪيو وڃي، انهي سان شهري پريشان ٿين ٿا، توهان فوٽ پاٿ تي بيهو يا وري اڳيان هلندا رهو

 ايف آءِ آر جي متن موجب پوليس طرفان روڪڻ تي پي ٽي آءِ جي قيات پنهنجن ڪارڪنن کي مڇرايو، جن  پوليس تي ڏنڊن سان حملو ڪري اينٽي رائيٽ جو سامان ڦري ورتو، انهي سامان ۾ 60 شيل ۽ 3 مڪمل ڪِٽس هيون پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ جوابي ڪارروائي نه ڪئي

پي ٽي آءِ ڪارڪنن فائرنگ ۽ پٿراءِ ڪري خوف ۽ هراس ڦهلايو، جنهن  سبب شهري دڪان بند ڪري ڀڄڻ لڳا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي تشدد سبب ليڊي اهلڪار سيده عريقه، راشد اعواڻ، دين محمد، خليل حبيب، محمد فيضان، اعجاز شاهه، سب انسپيڪٽر محمد رياض، ايس ايچ او تسنيم اقبال شديد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

 جوابدارن ايس پي ڪلفٽن جي گاڏي ۽ ٻين موبائلن کي نقصان پهچايو، پوليس 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

 ٻئي طرف دهشتگردي ٽوڙ عدالت تين تلوار تي ريلي دوران پوليس سان چڪريون ڪندڙ تحريڪ انصاف جي 15 ڪارڪنن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

Leave A Comment