ڪراچي چڙيا گهر کي ڪيئن سڌارجي؟ هاءِ ڪورٽ پاران ڪاميٽي قائم  

ڪراچي چڙيا گهر کي ڪيئن سڌارجي؟ هاءِ ڪورٽ پاران ڪاميٽي قائم  

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي چڙيا گھر مان رانو رڇ کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته رانو رڇ کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته سوال اهو آهي ته ڪراچي ۾ چڙيا گھر هجڻ گهرجي يا نه؟ يا اهو ڪهڙي قسم جو چڙيا گھر هجڻ گهرجي؟ ڪنزرويٽو وائلڊ لائف جاويد مهر چيو ته ماهرن سان صلاح ڪبي ته چڙيا گھر هجڻ گهرجي يا نه؟ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڪجهه به ٿئي، چڙيا گھر کي اهڙي طرح نه هلائڻ گهرجي جيئن ان کي هلايو پيو وڃي، ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته هر ڪم ۾ بهتري جي گنجائش آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته چڙيا گھر تمام خراب حالت ۾ آهي، ايڪريم ۾ مئل مڇيون پيل آهن، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي چيو ته اسان ڳالهائڻ نٿا چاهيون پر چڙيا گھر ۾ ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙي وڌيڪ چيو ته خدا جو ڪجهه خوف هجڻ گهرجي، عدالت چيو ته اسان هڪ ڪاميٽي ٺاهي رهيا آهيون، جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ، ڪي ايم سي آفيسر، مڪاني کاتو ۽ ٻيا ادارا شامل هوندا، عدالت چيو ته جيترا جانور هتي سٺي طريقي سان رکي سگهجن ٿا انهن کي هتي ڇڏيو . باقي کي قومي پارڪن ڏانهن موڪليو، عدالت چيو ته هتي جانورن سان جيڪو تماشو ٿي رهيو آهي، ان کي ختم ڪريو، ماهرن جي راءِ اچڻ کانپوءِ اسان هن حوالي سان فيصلو ڪري سگهنداسين.