ڪراچي چڙيا گھر ۾ شينهڻ ٽي ٻچا ڏنا

ڪراچي چڙيا گھر ۾ شينهڻ ٽي ٻچا ڏنا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي چڙيا گھر ۾ ٽن شينهن ٻچن جي پيدائش ٿي آهي. ٰڪراچي ميونسپل ڪميٽي انتطاميا موجب ڪراچي چڙيا گهر ۾ 16 نومبر 2025ع تي صحتمند شينهڻين ٽي ٻچا ڏنا آهن، جيڪي چڙيا گهر لاءِ وڏي خوشي جو سبب بڻيا آهن. ويٽرنري ٽيم مطابق ٽئي ٻچا مڪمل صحتمند آهن ۽ سندن ماءُ کي به خاص سنڀال هيٺ رکيو ويو آهي. ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب بچن جي پيدائش تي خوشي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته نون ڄاول ٻچن لاءِ خاص نگهداشت، مستقل نگراني ۽ بهترين ويٽرنري سروسز يقيني بڻايون وڃن.ان حوالي سان ڪي ايم سي انتظاميه چيو آهي ته ٻچن جي پيدائش چڙيا گهر ۾ جاري سڌارن جو نتيجو آهي، جتي پڃرا اپگريڊ، غذائي منصوبابندي ۽ جانورن لاءِ بهتر ماحول فراهم ڪيو ويو آهي. انتظاميه موجب شروعات ۾ ٻچن کي عوامي نمائش لاءِ پيش نه ڪيو ويندو ۽ ويٽرنري ٽيم جي اجازت کان پوءِ ئي انهن کي آهستي آهستي عوام جي سامهون آندو ويندو.چڙيا گهر انتظاميه جنگلي جيوت جي تحفظ ۽ جانورن جي فلاح لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو آهي.