| ڪراچي: ڊاٺل عمارتن جي رهواسين کي مفت رھائش ڏيڻ جو فيصلو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ زبون حال ڊاٺل عمارتن جي رھواسين کي مفت رھائش ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ان حوالي سان سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تھ خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائڻ ۽ اُنھن کي ڊاھڻ لاءِ ترجيحي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ته جيئن شھرين کي محفوظ رھائش فراھم ڪري سگھجي. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته غير محفوظ عمارتن کي فوري طور تي خالي ڪرايو وڃي، فيصلي موجب جيڪي عمارتون اڳواٽ ئي خالي ڪيون ويون آھن اُنھن کي ڊاٺو ويندو، متاثر ٿيل رھائشين جي بحالي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪراچي جي 588 انتھائي خطرناڪ عمارتن مان 471 جي اسسٽنٽ ڪمشنرز سروي مڪمل ڪري ورتي آھي. حڪومت خالي ڪرايل 59 عمارتن جي متاثرن جي رھائش جي ترجيح طئه ڪئي آھي. متاثر ٿيل خاندانن لاءِ فليٽس تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، هن چيو ته حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين شھرن ۾ بھ اھڙا سروي ڪيا ويندا تھ جيئن خطرناڪ عمارتن جي نشاندھي ڪري سگھجي.