| ڪراچي: ڊينسو هال واري ميڊيسن مارڪيٽ تي ڇاپو: سيمپل وڪڻندڙ20 دڪان سيل:21 گرفتار |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايف آءِ اي ڊينسو هال وٽ ڪارروائي ڪندي “ناٽ فار سيل” سيمپلز ۽ غيرقانوني دوائن جي وڪري ۾ ملوث 20 دڪان سيل ڪري 21 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو. ايف آءِ اي موجب ڊينسو هال جي ڪچي گلي نمبر 2 ۾ ڊريپ سان گڏجي ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو، جتي دڪانن تي غيرقانوني طور “ناٽ فار سيل” سيمپلز ۽ دوائن جي وڪري جو انڪشاف ٿيو. اختيارين موجب گرفتار ٿيل دڪاندارن وٽ ڪنهن به قسم جو لائسنس موجود نه هو، سڄي مارڪيٽ غيرقانوني دوائن جي وڪري ۾ ملوث هئي. “ناٽ فار سيل” سيمپلز جي خريداري ۽ وڪرو صرف اسپتال عملي ذريعي ممڪن آهي، جنهن بابت به جاچ جاري آهي. ايف آءِ اي چيو آهي ته غيرقانوني نيٽ ورڪ ۽ انهي جا سهولتڪار قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا، غريب عوام لاءِ مخصوص دوائون مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ انسانيت خلاف ڏوهه آهي، ميڊيڪل ريپز، اسپتال عملي ۽ ٻين سهولتڪارن کان به پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي، ڪارروائي دوران ڪروڙين رپين جي ماليت جون دوائون هٿ ڪيون ويون، جن ۾ ايڪسپائر ٿيل دوائون به شامل آهن