ڪراچي ڌاڙو ڪيس: ڊي ايس پي عمير باجاري جيل حوالي: هٽايل ايس پي سنڌ بدر: 3 مخبر سوگها
نومبر 25, 2023
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ نظير ميمڻ) ڪراچي ۾ واپاري جي گهر ۾ 4 ڪروڙن جي ڌاڙي ڪيس ۾ گرفتار سيکڙاٽ ڊي ايس پي عمير باجاري جيل حوالي: ڏکڻ ضلعي جو هٽايل ايس ايس پي سنڌ بدر: وڌيڪ 3 مخبر سوگها، ان ڏس ۾ ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر ۾ 4 ڪروڙن جي ڌاڙي واري ڪيس ۾ ڪراچي ڏکڻ جي اڳوڻي ايس ايس پي عمران قريشي خلاف ڪارروائي لاءِ آءِ جي سنڌ گهرو کاتي کي خط لکي سندس خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، پوليس ذريعن موجب پوليس پاران ڌاڙي ڪيس ۾ وڌيڪ 3 جوابدار اظھار، محمود، عبدالستار گرفتار ڪيا ويا، جن مان هڪ جوابدار ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي جو مخبر آهي. پوليس ذريعن موجب ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻئي طرف ڪراچي پوليس چيف خادم رند چيو آهي ته ڊي ايس پي( يو ٽي) عمير طارق باجاري ۽ ٻين خلاف جاچ جاري آهي، اورنگي ٽائون واقعي بعد جيڪي وارداتون سامهون آيون آهن، انهن جي انڪوائري به هلندڙ آهي، هن چيو ته جيڪو ڏوهه ڪندو. ان کي سزا ملندي، هن چيو ته پوليس جو پرائيويٽ پارٽيون نه هجڻ گهرجن، ڇاپن دوران سادا ڪپڙا پاتل اهلڪار به نه هجڻ گهرجن، هوڏانهن ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ ڊي ايس پي عمير طارق باجاري، اظھار، محمود، عبدالستار کي پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار عمير باجاريءَ کان ٻن ڏينهن ۾ ڪھڙي جاچ ڪئي آھي؟ جنھن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته عمير باجاري جي مدد سان ٻن ٽن هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان هٽايل ايس ايس پي عمران قريشي کان جاچ ڪئي؟ جنھن تي جاچ آفيسر وراڻيو ته عمران قريشي سان جاچ کانپوءِ ئي 3 مخبرن کي گرفتار ڪيو آهي، ان موقعي تي عمير باجاري جي وڪيل عامر منصوب چيو ته عمران قريشي جي نشاندهي تي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر عمران قريشي کي ڪجهه به ناھي ڪيو ويو، جاچ آفيسر عدالت کي جوابدارن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت ڊي ايس پي عمير طارق باجاري کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ٻين ٽن خانگي جوابدارن کي 26 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
سيکڙاٽ ڊي ايس پي عمير باجاري کي عدالت ۽ جيل ۾ پروٽوڪو ل!!
ڪراچي: سيکڙاٽ ڊي ايس پي عمير باجاري کي ٽئين ڏينهن به عدالت ۾ فل پروٽوڪول ڏنو ويو ، کيس بنا ھٿڪڙي ۽ سندس 3 ساٿين کي وري منھن ڍڪي ھٿڪڙيون ھڻي آندو ويو، هوڏانهن سيکڙاٽ ڊي ايس پي عمير باجاري کي جيل ۾ به مڪمل پروٽول ڏنو ويو، ڪراچي سينٽرل جيل ۾ خاص ڪمري جي صفائي ڪرائي کيس ترسايو ويو، سندس خدمت لاءِ ڪچن قيدين کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو.ڪالهه ڊي ايس پي عمير باجاري جي عدالت پهچڻ کان اڳ سندس چاچو ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ مراد شاهه جو پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري عالت پھتو، ٻئي طرف ھيومن رائٽس جي وڪيل روشن افضل سليم باجاري سان ملاقات کانپوءِ ڊي ايس پي باجاري خلاف پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي، روشن افضل پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ھو ته عمير باجاري خلاف دھشتگردي ۽ اغوا جا ڪيس ھلڻ گھرجن، ٻئي طرف ڊي ايس پي عمير باجاري جي وڪيلن جي پينل سندس ضمانت لاءِ ڪاغذ تيار ڪري ورتا، وڪيلن اڄ اولهه جي سيشن عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.