| ڪراچي کان روهڙي ۽ جيڪب آباد لاءِ ٽرينون هلائڻ ۽ ڦاٽڪ اپگريڊ ڪرڻ جو اعلان |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ۽ پاڪ ريلويز ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي بحالي، پراڻين ريلوي پٽڙين جي مرمت، ڪراچي کان روهڙي ۽ جيڪب آباد (ڪوٽڙي ۽ دادو وارو رستو) روٽن تي نيون ٽرينون هلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪراچي سرڪيولر ريلوي بحالي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي سي آر شهر لاءِ انتهائي اهم آهي، انهي جي بحالي سان بي آر ٽي سسٽمز فيڊر طور ڪم ڪندا. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ٽرانسپورٽ کاتو ڪي سي آر ميگا پروجيڪٽ تيار ڪندو، جنهن کي خانگي ڀائيوار جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ملير هالٽ وٽ انڊر پاس تعمير ڪرڻ چاهي ٿي پر اين او سي جاري نه ٿيڻ سبب منصوبو دير جو شڪار آهي. جنهن تي ريلوي واري وزير چيئرمين ريلوي کي اين او سي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ وڏي وزير ۽ ريلوي واري وزير ڪراچي کان روهڙي ۽ جيڪب آباد تائين ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. مڪاني وزير ناصر شاهه چيو ته اهي ٻئي پراڻا روٽ آهن، انهن جي بحالي سان لاڳاپيل علائقن جي عوام کي سهولت ملندي، اجلاس ۾ ڪراچي ڪينٽ کان جمعا ڳوٺ تائين ريلوي ڪوريڊورز سان گڏ گرين بيلٽس ۽ وڻڪاري جو فيصلو ڪيو ويو، انهي ڪم ۾ مڪاني ۽ فاريسٽ کاتا ريلويز جي مدد ڪندا اجلاس ۾ ريلوي جي زمين تي قبضن کي ريلوي سروسز جي بحالي ۾ وڏي رڪاوٽ قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ گيلاني ريلوي اسٽيشن، گلستان جوهر ۽ عيسيٰ نگري سميت ڪي سي آر ٽريڪ جي آس پاس اهم هنڌن جو جائزو ورتو ويو. مراد علي شاهه ضلعي انتظاميه کي پاڪستان ريلويز سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪندي چيو ته حددخلين کي عوامي انفراسٽرڪچر تي اثرانداز ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ريلوي جي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ مڪمل انتظامي تعاون فراهم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ريلوي ڪراسنگز ( ڦاٽڪن ) جي مرمت ۽ اپ گريڊيشن سان لاڳاپيل رهتن جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. وڏي وزير چيو ته مالي مامرن کي گڏجي ويهي حل ڪبو هن چيو ته حادثا روڪڻ لاءِ خطرناڪ ڪراسنگز کي فوري طور اپ گريڊ ڪيو وڃي