ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ 15 کنڀيل شهرين جا ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس محمد سليم جيسر ريمارڪس ڏنا ته جيڪي شهري لاپتا آهن، انهن جي گمشدگي جا ڪيس ڇو داخل نٿا ڪيا وڃن؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل حاڪم شيخ عدالت کي ٻڌايو ته کنڀيلن جي وارثن ڪيسن جي داخلا لاءِ پوليس سان رابطو ئي ناهي ڪيو، جنهن تي عدالت وارثن کي حڪم ڏنو ته اهي لاڳاپيل ٿاڻن سان رابطو ڪري گمشدگي جا ڪيس داخل ڪرائين. عدالت گلشن اقبال مان لاپتا فراز علي، پاپوش نگر جي اظهرالدين، موچڪو جي ديدار حسين جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان موقعي تي جسٽس سليم جيسر چيو ته کنڀيلن جي بازيابي لاءِ اڳڀرائي عدالت کي نظر اچڻ گهرجي.