| ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ جو ماحول پ پ پيدا ڪيو آهي: اياز لطيف |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران 27 آئيني ترميم، وسيلن جي ڦرلٽ، ڪارپوريٽ فارمنگ، درياھه تي ڌاڙي ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ خلاف جدوجهد تيز ڪندي 22 نومبر تي ننگر پارڪر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ اسان جي آھي ملڪ اسان جو آھي ۽ اسان ٺاھيو پيپلزپارٽي سنڌ کي ويران حويلي بڻائڻ چاهي ٿي. جسم مٿان ڳچي ھوندي آھي جنھن ۾ ساھ ھوندو آھي سنڌي پنهنجي ڳچي ڪئين لاھڻ ڏيندا؟ جنهن ۾ ساھه آهي اٿن مري لاش ٿي ويندا، جيستائين ھڪ سنڌي زندھ آھي سنڌ اندر ٻيو صوبو ٺاهڻ نه ڏيندا. ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ جو ماحول پيپلز پارٽي ڏنو آهي، سنڌ جي تباھي ۾ پيپلزپارٽي جو اھم ڪردار آهي.