ڪراچي کي لساني بُنيادن تي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، 20 سيٽون ڏياريو ته 5 سالن ۾ شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس: بلاول ڀٽو زرداري
فيبروري 5, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي کي لساني بُنيادن تي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، 8 فيروري تي لساني سياست کي دفن ڪري ڇڏينداسين
ڪراچي ۾ چونڊ مهم ريلي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته نفرت ۽ ڏڦيڙ جي سياست ڪندڙ کي ووٽ ڏئي ضايع نه ڪندا، ڪراچي مان 20 سيٽون ڏياريو ته 5 سالن ۾ شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس
پ پ چيئرمين چيو ته ڪراچي ۾ تارازي ۽ لغڙ وارا ايندا ته ٽڪي جو ڪم نه ڪندا، ٻيا سڀ بزرگ ٿي چڪا آهن، اسان عوام سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪنداسين، ڪراچي جا ماڻهو ووٽ ڏيندا ته وفاق ۾ به پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان کٽنداسين ته پهريون ڀيرو بلدياتي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت اسان جي هٿن ۾ هوندي
ريلي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول چيو ته نواز شريف انتظاميا تي دٻاءُ وجهي اليڪشن ۾ گڙٻڙ ڪرڻ چاهي ٿو، نگران حڪومت ۽ انتظاميا نواز شريف جي حمايت ۾ ڌر بڻيل آهي
هن چيو ته سنڌ ۾ ايف آءِ اي اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري رهي آهي، نواز ليگ سان اتحاد مشڪل آهي