ڪراچي ڪار ساز حادثو : پي ءَ ڌيءَ جي تدفين: ڪيس داخل: نتاشا نفسياتي مريض ظاهر

آگسٽ 21, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ۽ عرفان شاهه )ڪراچي جي ڪارساز روڊ تي پيءُ ڌيءَ  کي چيڀاٽي ماريندڙ بااثر صنعتڪار نتاشا دانش خلاف ڪيس داخل،  پيءَ ۽  ڌيءَ  آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي، ڊاڪٽرن پاران نتاشا کي نفسياتي مريض ظاهر ڪرڻ جا جتن،  ان ڏس ۾ ڪارساز روڊ تي گذريل ڏينهن ٿيل حادثي جو ڪيس فوتي عمران آصف جي ڀاءُ امتياز عارف جي فرياد تي وي ايٽ هلائيندڙ نتاشا دانش خلاف داخل ڪيو ويو، بهادر آباد ٿاڻي تي داخل ڪيل انهي ڪيس ۾ قتل باالسبب، لاپرواهي ۽ ديئت جا قلم شامل ڪيا ويا. فريادي ڄاڻايو ته مون کي فون تي ڀاءُ جي حادثي جو اطلاع مليو، جناح اسپتال پهتس ته خبر پئي ڀاءُ عمران عارف ۽ ڀائٽي آمنه فوت ٿي ويا، اتي خبر پئي ته نتاشه دانش منهنجي ڀاءُ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، حادثي ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار شهري عبدالسلام به زخمي ٿيو، لاپرواهي ۽ تيز رفتاري سبب حادثو ٿيو. هوڏانهن فوت ٿيل ڌيءَ ۽ پيءُ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي صدر منعم ظفر، پي ٽي آءِ اڳواڻ عالمگير خان سميت مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي ڪراچي جي صدر منعم ظفر چيو ته ڪراچي ۾ غفلت سان گاڏي هلائڻ معمول بڻجي چڪو آهي، اسين متاثر خاندان سان گڏ آهيون. هن چيو ته آئيس جهڙو خطرناڪ نشو ڪراچي شهر ۾ عام آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عالمگير خان چيو ته حادثي جو سبب بڻيل عورت جو نشو لاهڻ لاءِ سڄي رات جناح اسپتال ۾ ڪوشش ڪئي وئي، عورت کي دولت جو به نشو آهي، هن چيو ته فوتين جي وارثن ٻڌايو آهي ته سندن ايف آءِ آر کي تبديل ڪيو ويو آهي. فوتي ڌيءَ ۽ پيءُ کي ماڊل ڪالوني قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن جناح اسپتال جي ماهر نفسيات ڊاڪٽر چوني لال چيو آهي ته  نتاشا نفسياتي شعبي ۾ علاج هيٺ آهي، نتاشا ڪنفيوز آهي،  اها هوش ۾ ناهي

نتاشا جو اڄ تائين ريمانڊ: ڊرائيونگ لائنس برطانيا جو نڪتو

ڪراچي: ڪراچي اوڀر  جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ڪارساز وٽ پيءَ ۽ ڌيءَ کي چيڀاٽيندڙ جوابدار عورت نتاشا دانش کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو  ناري نتاشا جي وڪيل چيو ته نتاشا جي ذهني حالت ٺيڪ ناهي، اها جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، انهي ڪري کيس ضمانت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته جوابدار جي پيشي بنا ضمانت نٿي ڏئي سگهجي, عدالت جوابدار جو هڪ ڏينهن جو ريمانڊ ڏئي رهي آهي, سڀاڻي جوابدار کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن جوابدار پيش ڪرڻ جي قابل ناهي ته سندس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته  گرفتاري وقت جوابدار عورت جو ڊرائيونگ لائسنس قبضي ۾ ورتو ويو آهي؟ جنهن تي جوابدار جي وڪيل چيو ته نتاشا وٽ پاڪستاني نه پر برطانيا (يو ڪي )جو لائسنس آهي، جنه تي  عدالت چيو ته يو ڪي جو لائسنس پاڪستان ۾ قابل قبول ڪيئن ٿيندو؟ عدالت نتاشا کي اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

نتاشا نشي ۾ هئي يا نه؟ رت جا جزا ورتا آهن: جاچ آفيسر

ڪراچي: ڪار ساز حادثي ڪيس ۾ جاچ آفيسر انسپيڪٽر عامر الطاف چيو آهي ته جوابدار نتاشا کي علاج لاءِ جناح اسپتال  ۾ داخل ڪرايو آهي، جڏهن ته اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، سٽي ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  اسان کي نتاشا جي  نشي جي حالت ۾ هجڻ بابت في الحال ڪا به ميڊيڪل رپورٽ نه ملي آهي، جيستائين ڊاڪٽر پنهنجون سفارشون نه ڏين، تيستائين ڪجهه نٿا چئي سگهون ته جوابدار نشو واپرايو هو يا نه؟ هن چيو ته نتاشا جي رت جا جزا مليا آهن، جيڪي چڪاس لاءِ ليب اماڻيا ويندا، هن چيو ته ڊاڪٽر اجازت ڏيندا ته جوابدار نتاشا کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪنداسين،

وڏي صنعتڪار جي زال نتاشا پاران ڪيل حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج اچي وئي

ڪراچي: ڪرا چي جي وڏي صنعتڪار جي زال نتاشا دانش پاران ڪيل حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي، جنهن ۾ نتاشا کي 2 موٽر سائيڪلن ۽ هڪ ڪار کي ٽڪرون هڻندي ڏيکاريو ويو آهي

پاپڙ وڪڻندڙ پيرسن عمران لاڏلي ڌيءِ کي ايم بي اي ڪرايو * پيءِ آمنه کي  ڊيوٽي تان گهر  وٺي پي ويو

ڪراچي : ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ۾ پاپڙ وڪرو ڪندڙ 60 سالن جي عمران عارف پنهنجي لاڏلي ڌيءِ 24 سالن جي آمنه کي ايم بي اي ڪرايو  هو، جيڪا هڪ آءِ ٽي ڪمپني ۾ ملازمت ڪندي هئي، والد کيس ڊيوٽي تان واپس گهر کڻي وڃي رهيو هو

Leave A Comment