ڪراچي: ڪريڊٽ ڪارڊ بهاني لڄالٽ ڪندڙن جي گرفتاري جو حڪم: ايس پي به بدلي

ڪراچي: ڪريڊٽ ڪارڊ بهاني لڄالٽ ڪندڙن جي گرفتاري جو حڪم: ايس پي به بدلي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪريڊٽ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ بهاني عورت سان زيادتي بعد وائرل ڪيل وڊيو کي سوشل ميڊيا تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، متاثره عورت کي تحفظ به فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي، عورت سان زيادتي ۽ اڻوڻندڙ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل قمر عباس چيو ته مفرور جوابدار زوهيب کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو، جوابدار متاثر عورت کي هراسان ڪري رهيو آهي، ٻڌڻي دوران ايس پي جاچ عثمان سدزوئي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پراسيڪيوٽر چيو ته انهي مامري ۾ عورت ايس پي ماجده هاليپوٽو ۽ سب اسپيڪٽر ريحان جي بدلي ٿي چڪي آهي، ايس پي جاچ مفرور جوبدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪئي، ياد رهي ته جوابدارن عورت کي ٽيپو سلطان جي علائقي ۾ گهرائي زيادتي جو نشانو بڻايو هو.