ڪراچي: ڪرپشن الزامن سبب هٽايل اڳوڻو پرنسپال نثار دايو ٻيهر مقرر

ڪراچي: ڪرپشن الزامن سبب هٽايل اڳوڻو پرنسپال نثار دايو ٻيهر مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ڪرپشن جي الزامن سبب هٽايل اڳوڻي پرنسپال نثار دايو کي ٻيهر گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج شاهه فيصل ڪالوني جو پرنسپال مقرر ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نثار دايو مٿان ڪاليج جي شاگردن کان 25 لک رپيا واڌو في اوڳاڙڻ جا الزام هئا، ڊپارٽمينٽل انڪوائري ۾ ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي کيس هٽايو ويو هو، نه رڳو اهو پر نثار دايو تي ايف آءِ آر داخل ڪري اينٽي ڪرپشن اختيارين کيس گرفتار ڪيو، جيڪو ضمانت تي آزاد ٿيو. هوڏانهن ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ترجمان امتياز پٺاڻ رابطي تي نثار دايو جي مقرري بابت موقف نه ڏنو.